چتر ڀڄ

چتر ڀڄ: چٿر ڀڄ ٺٽي جو مشهور شاعر هو. مير علي شير قانع لکيو آهي ته ’فن انشاء‘ ۾ سندس به مثال نه هو. سندس مثنويون مشهور هيون، تاريخ گوئيءَ ۾ نظم توڙي نثر ۾ بلاغت جو صاحب هو، تاريخ گوئيءَ ۾ سحرڪاري ڪندو هو، ٺٽي جي هڪ حاڪم جي وفات ۽ سندس پٽ جي مسند نشينيءَ تي هيٺين تاريخ چيائين:
تقلب نيست در مصراع ’طوسي‘
که ’مرگ خر بود سگ راعروسي‘
(1167هه)
چتر چوڏس: هن ڏينهن لاءِ هندن ۾ روايت آهي ته ويساک جي سهائي چوڏس تي ڀڳوان وشنوءَ، نرسنگهه (نرسمهه) روپ ڌاري، هرڻاڪشپ جو خاتمو آندو ۽ سندس پُٽ ڀڳت پرهلاد جي سنڀال ڪئي، ان ڪري هن ڏينهن کي نرسمهه جينيءَ جي روپ ۾ ملهايو ويندو آهي. هندو ڌرم وارا هن ڏينهن ورت رکندا آهن ۽ ڀڳوان نرسمهه (نرسنگهه) جي پوڄا ڪندا آهن.


لفظ چتر ڀڄھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو